مرغين جو سمورو فضلو، فيڪٽري مالڪن کي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام ڪوٽ (ن سنڌيار) اسلام ڪوٽ ۾ ٽائون انتظاميا جي ملي ڀڳت سان مرغي دڪانن جو سمورو گند ماتلي جي فيڪٽري مالڪن کي وڪرو‚ مالڪن پاران مرغي جي گند مان کاڌي جو آئل ٺاھڻ جو انڪشاف‚ شھرين پاران گند مان ٺھندڙ آئل وڪرو ڪندڙن توڙي گند کي وڪرو ڪرڻ بدران ٻاھر اڇلائڻ جو مطالبو خبر موجب : اسلام ڪوٽ ۾ ٽائون انتظاميا جي ملي ڀڳت سان شھر جي مرغي دڪانن تي مرغي جي پرن سميت ٻيو گندو گوشت ماتلي جي ھڪ آئل ٺاھيندڙ فيڪٽريء کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي‚ ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب شھر جي سمورن مرغي جي دڪانن تان مرغي جي پرن سميت ٻيو گندو گوشت ٽائون عملو گڏ ڪري شھر کان ٻاھر اڇلائڻ جي بدران ماتلي جي ھڪ فيڪٽري مالڪ کي ڏيڻ جو ٽائون عملي جي ڀنگين کي ڏيڻ جو پابند ڪيو ويو آھي‚ ماتلي کان ھي گند کڻندڙ شھزور روزانو شام جو سمورن مرغي دڪانن تي پيل گندو گوشت ٽائون جي ڀنگين جي مدد سان گاڏي ۾ لوڊ ڪرايو وڃي ٿو‚ ٻڌايو پيو وڃي ته ھي گندو گوشت ماتلي جي ھڪ فيڪٽري کي اماڻيو ويندو آھي جتي کليو آئل ٺاھيو ويندو آھي جيڪو ٿرپارڪر سميت ٻين ضلعن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو‚ کليو آئل واپرائڻ سبب ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪيترائي ھارٽ اٽيڪ جا ڪيس سامھون اچڻ لڳا آھن پر انتظاميا ان اھم معاملي تي ڪو ڌيان نه ڏنو آھي‚ ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ٽي ايم اي اسلام ڪوٽ ٻڌايو ته مرغي دڪان جي مالڪن کد پابند ڪيو ويو آھي ته ھو سمورو گند ٽائون عملي جي مدد سان شھر کان ٻاھر ڪٿي ڦٽو ڪن پر کين اھا خبر ناھي ته ڪير وڪرو ڪري رھيو آھي ان چيو ته معاملي جي جاچ ڪئي ويندي‚ ھوڏانھن معلوم ٿيو آھي ته ماتلي جي فيڪٽري جا مالڪ بااثر ھجڻ ڪري انتظاميا ڪارروائي ڪرڻ کان ڪاسر آھي ٻئي پاسي شھرين عبدالحليم بلوچ‚ ڪيول رام پرديپ ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ھي مرغي جو گند رڳو اسلام ڪوٽ نه پر مٺي سميت ٿر جي ٻين شھرن مان ساڳي فيڪٽري مالڪ کڻي ٿو جنھن سان ٽائون انتظاميا جي ڳٺ جوڙ آھي شھرين چيو ته کليو آئل سستو موت آھي جيڪو بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي وڪرو ٿئي ٿو ڪجھ وقت اڳ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کليو آئل پڪڙيو به ھو پر شھر جي واپارين مذاحمت ڪري فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي وارن کان آئل واپس کسي ورتو شھرين سيشن جج ٿرپارڪر سميت ڊي سي ٿرپارڪر ايس ايس پي ٿرپارڪر سميت فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته مرغي جو گند وڪرو ڪندڙن ۽ خريد ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سستو موت ڏيندڙ فيڪٽري مالڪ مٿان ڪيس داخل ڪري کيس قانوني ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو