روڊ جي تعمير ۾ ناقص ميٽريل استمعال، رھواسين جو احتجاج

بدين(ن سنڌيار) ڪڍڻ بدين مين روڊ کي ٽوڙي نئي سر ڪارپيٽ ڪرڻ ۽ڪڍڻ کان علي بندر تائين روڊ تعمير جنھن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف رھواسين جون دانھون روڊ ٺھڻ بجاء ٽوڙيو پيو وڃي ۽ ڪارپيٽ جي جاء تي ڪارو تيل ھاريو پيو وڃي ء ٽکڙ کان علي بندر تائين تعمير ٿيندڙ روڊ ۾ناقص مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ۽ مورين م نالي ماتر سريو استعمال ڪيو پيو وڃي ٺيڪيدار کلي ڪرپشن ڪري رھيو آھي جيڪڏھن روڊ جو ڪم بھتر نموني ن ڪيو ويو ت روڊ جو ڪم بند ڪرائي احتجاج ڪنداسين رھواسين جو چتاء تفصيل موجب ڪڍڻ بدين روڊ ٺھيل کي پئسا ھڙپ ڪرڻ لاء روڊ کي ٽوڙي ٻيھر ڪارپيٽ ڪيو پيو وڃي جنھن ۾ صرف ڪارو تيل استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر رھواسين کي سھولت ڏيڻ بجاء مشڪلاتن ۾ ڌڪيو پيو وڃي ھڪ طرف تعمير ٿي رھيو آھي ت ٻئي طرف ڊھي رھيو آھي جڏھن ت ٻئي طرف ٽکڙ کان علي بندر تائين تعمير ٿيندڙ روڊ ۽ مورين ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف رھواسين مير واحد بخش بروھي خان محمد بروھي عبدالحڪيم پٺاڻ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ٺھيل روڊ کي ٽوڙي ٺيڪيدار پئسا ھڙپ ڪرڻ لاء ڪارپيٽ ڪرڻ بجاء صرف ڪاري تيل جو استعمال ڪري رھيو آھي جيڪا کلي ڪرپشن آھي ھنن وڌيڪ چيو ڪڍڻ شھر کان اڳيان ٽکڙ وٽان علي بندر تائين تعمير ٿيندڙ روڊ ۽ مورين ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿي رھيو آھي ھنن ڊي سي بدين کان مصالبو ڪيو ڪرپٽ ٺيڪيدار روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل ڪاري تيل وارو ڪارپيٽ وارو ڪم بند نڪيو ت مجبورن ڪم بند ڪرئي احتجاج ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو