ٻيلي مان وڻن جي واڍي بند نه ٿي، بالا آفيسر خاموش

باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ ڀرسان گهانگهرڪي ٻيلي مان لوٽمار جي سلسلو بند نه ٿي سگهيو ۔ بالا اختيارات خاموش تماشائي بڻيل ۔ فارسٽر آفيسر ڪريم بخش منڱريو جمادار فياض ڦلپوٽو پرائويٽ بليدار عباس علي ٻگهيو جون من مستون عروج تي پھتيون ڏينهن رات گهانگهرڪي ٻيلي ۾ لوٽمار هزاري وڻ وڌائي گهانگهرڪي ٻيلي کي پٽ ڪري ڇڏيو ۔ تفصيلات مطابق گهاگهرڪي ٻيلي فارسٽر آفيسر ڪريم بخش منڱريو جمادار فياض ڦلپوٽو پرائويٽ بليدار عباس علي ٻگهيو رات ڏينهن جا هزارين وڻ سان گڏو گڏ هريڙ جا قديمي وڻ وڍرائي ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا ۔ گهانگهرڪي ٻيلي جا وڻ ڪراچي سميت مختلف شھرن آرا مشين تي وڪرو ٿي ويا ۔ جن کي ٽيڪٽرن ٽرڪن جي ذريعي مختلف هنڌن تي سرعام وڪرو ڪيا ۔ مختلف پوليس چوڪن مان گذر ٿيو مگر ڪنهن پوليس چونڪي سندن کي گرفتار نه ڪيو ۔ هوڏانهن گھانگهرڪي ٻيلي مان وڻ وڍجي وڪرو ٿيڻ ته پسگرائي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيڻ ڪري ڪتيرائي برزگ گرمي جو تاب نه سهيندي بيهوش ٿي ويا۔ گهانگهرڪي ٻيلي جي پسگرادائي ڳوٺن ۔ پنهل بروهي۔ گهانگهرو ۔ وڏي وھڻي۔ ڏوڪري ۔ باڊھ ۔ ٽاٽڙي۔ ڪلهوڙا۔ بگي ۔ برادي ساريا ۔ موئن جو دڙو ۽ سوين ڳوٺن جي معززن ميڊيا سان ويچار وڊيندي چيو ته ريجنر ڪريم بخش منڱريو ۔ جمادار فياض ڦلپوٽو عباس علي ٻگهيو پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاء چند ڏوڪڙن تي گھانگهرڪي ٻيلي هٿ سان تباھي جي ڪناري تي پهچايو آھي۔ هوڏانهن لاڙڪاڻو انتظاميان اهڙي ڪرپشن ماسٽر مائنڊ خلاف جوڳيا قدم ۾ مقمل ناڪام ٿي وئي ڳوٺن جي معززن سميت پسگرائي هارين پاڪستان وزير اعظم شھباز شريف ۔ سنڌ جي اعلیٰ عملدار کي گهر ڪئي ته ريجنر ڪريم بخش منڱريو ۔ جمادار فياض ڦلپوٽو پرائويٽ عباس علي ٻگهيو خلاف جوڳيا قدم کڻي انهن خلاف سخت احڪام جاري ڪري جيل ڀيڙو ڪيو وڃي۔ گھانگهرڪي ٻيلي تي ايماندار عملو مقرر ڪيو وڃي ته جئين بقاياجات گھانگهري ٻيلي جو زمين وڪرو ٿيڻ سان گڏو گڏ گھانگهري ٻيلي جو خاتمو ٿيڻ کان بچائي سگهجي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو