مڪاني چونڊون کٽڻ جي خوشي ۾ جيالن جون خوشي ۾ ريليون

جيڪب آباد / قمبر ( نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊون کٽڻ جي خوشي ۾ جيالن جو ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ به جشن فتح جي سلسلي ۾ ريليون ڪڍيو ويون. جيڪب آباد ۾ پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر مير اعجاز حسين خان جکراڻي ۽ پ پ اڳواڻ حاجي شير محمد مغيري جي اگواڻي ۾ ھڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ضلعي جي مختلف شھرن کان پي پي ڪارڪنن ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، باءِ پاس زيرو پوائنٽ کان نڪتل ريلي ۾ شريڪ جيالن شھر جي مختلف رستن جو گشت ڪري جيئي ڀٽو جا نعرا ھنيا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ حاجي شير محمد مغيري خطاب ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيئي جيڪب آباد جي عوام ثابت ڪيو ته ھو بلاول ڀٽو سان گڏ آھن عوام جي طاقت سان پيپلزپارٽي پورو ضلعو سوئيپ ڪري ڏيکاريو آهي انشاالله ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جا اميدوار ئي ڪامياب ٿيندا ۽ بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجندو. قمبر ۾ به قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان مڪاني چونڊن ۾ ڪلين سويپ ڪرڻ جي خوشي ۾ ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ جي اڳواڻي ۾ قمبر لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تان ريلي ڪڍي ڊپٽي ڪمشنر سيڪريٽريٽ آڏو جلسو ڪيو ويو. ان موقعي تي قمر الدين گوپانگ چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن پارٽي عھديدارن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو تہ اسين ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي عوام جا نهايت شڪر گذار آهيون آء عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو اهي ميمبر مبارڪن جا مستحق آهن جن مخالف جماعتن پي ٽي آءِ جي يو آءِ، تحريڪ لبيڪ ۽ آزاد اميدوارن کي عوام جي ووٽ ذريعي شڪست ڏئي کٽي آيا آهن ۽ هاڻي انهن چونڊيل نمائندن کي گذارش آهي ته عوام توهان کي ميڊيٽ ڏنو آهي اوهان تي فرض آهي ته عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪريو ۽ پنهنجي تڪن ۾ ويهي عوام جي خدمت ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو