منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي: رميز راجا

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي تڏهن بلٽ پروف گاڏي رکڻي پئي.بين الصوبائي رابطن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي پاڪستان اسپورٽس بورڊ سيڪيورٽي اهلڪارن جي معاملن جو نوٽيس ورتو، ڪميٽي ميمبرن نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.ڪميٽي ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي رهائش جو معاملو اٿاريو ويو هو، ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ انهن سيڪيورٽي اهلڪارن کي مٿي جو سور قرار ڏنو.ڪميٽي سامهون پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪا مالي بي ضابطگي نه ٿي، سڀ سٺو آهي، فرنچائز سان جلد ميٽنگ آهي، ايونٽ جڏهن شروع ٿيو ته فنانشل ماڊل ٺيڪ نه هو، فنانشل ماڊل ۾ خرچ ۽ نقصان وڌيڪ هو، هاڻ 95 سيڪڙو منافعو فرنچائز کي ويندو آهي.هن چيو ته منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، ان لحاظ سان گاڏي رکڻي پئي، مون کي هڪ پئسو ناهي ملندو، منهنجي گهرواري مون سان گڏ ڪنهن دوري تي ناهي وئي.ان دوران ڪميٽي چيئرمين چيو ته رميز راجا اسان جي ڀاڄائي کي دوري تي ناهي وٺي ويندو، اها ته غلط ڳالهه آهي، جنهن تي پي سي بي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن توهان جي ڀاڄائي کي وٺي وڃان ته ڪميٽي ۾ منهنجي ڪلاس وٺندئو.ڪميٽي ميمبر مهرين ڀٽو پڇيو ته رميز راجا پنهنجون مراعتون ٻڌائي، جنهن تي جواب ڏيندي هن چيو ته منهنجي پگهار ئي ناهي، پي سي بي چيئرمين جي آڇ ٿي ته گهر ۾ ووٽنگ ورتي، پي سي بي چيئرمين جي پگهار ڪجهه ناهي پر گاريون تمام گهڻيون آهن، منهنجي ٻارن چيو مان چريو ٿي ويندس.هن چيو ته پي سي بي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 20 هزار هئي، جيڪا مان 5 هزار وڌائي، مان پي سي بي کان اڃا تائين انٽرٽينمينٽ الائونس نه ورتو، چيئرمين طور دورن لاءِ 3 مهينن ۾ رڳو اڍائي لک استعمال ڪيا، مون کي ميڊيڪل الائونس جي ضرورت ناهي، مون کي ڪي مراعتون مليون ئي ناهن ته پي سي بي کي ڇا واپس ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو