سنڌ جي راڄڌانيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ برسات جي شروعات ٿي چڪي آهي.ڪراچي جي علائقي گڏاپ، سپر هاءِ وي، الاصف اسڪوار، سهراب ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي آهي.موسميات کاتي اڄ کان ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو هو.ميٽرولوجسٽ چيف سردار سرفراز چيو آهي ڪراچي ۾ اڄ منجهند کان برسات پوڻ جو امڪان آهي ۽ اهو سلسلو رات دير تائين جاري رهندو. سردار سرفراز چيو ته چوماسي جون هوائون سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن وڌي رهيون آهن، شهر ۾ اڄ تيز ۽ وچولي برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڇهه جولاءِ تي هلڪي برسات جو امڪان آهي. هن وڌيڪ چيو ته عيدالاضحيٰ تي پڻ برسات جو امڪان موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو