في الحال سمارٽ لاڪ ڊائون تي غور نه ڪيو پيو وڃي: عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد (بيورو)صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وڌندڙ شرح کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن جي تياري مڪمل آهي پر في الحال سمارٽ لاڪ ڊائون تي غور نه ڪيو پيو وڃي، اميد آهي ته ان جي ضرورت نه پوندي. پريس ڪانفرنس دوران عبدالقادر پٽيل چيو ته ڪورونا وائرس سبب فوتگين جي شرح 1.5 سيڪڙو آهي، اسپتالن ۾ وينٽيليٽرز جي مناسب تعداد موجود آهي، اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي وڌندڙ انگ تي خدشا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب ٽيسٽن جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن وارا ملڪ جي ڪل آبادي جو 86 سيڪڙو آهن.عبدالقادر پٽيل عوام کي اپيل ڪئي ته عيد کانپوءِ سياحتي هنڌن تي رش نه ڪن. هن اهو به چيو ته ڪورونا جي ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي پئي وڃي، سماجي فاصلن، سينيٽائيزر ۽ ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو