سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ بابت ترميم سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (بيورو)سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ بابت ترميم سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌُر بڻايو ويو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ لاءِ نادرا طريقيڪار جوڙي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ سهولت جو حڪم ڏنو وڃي تحريڪ انصاف اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪالعدم قرار ڏئِي نادرا کي فنڊز ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو