ملڪ ۾ ڪرونا ڪيس، سنڌ سڀ کان وڌيڪ ظاهر

اسلام آباد (بيورو)سڄي ملڪ ۾ روزانو رپورٽ ٿيندڙ ڪرونا ڪيسن ۾ سنڌ سڀ کان اڳتي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب ڪالهه سنڌ ۾ 508 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي ۽ صوبي ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 10.53 سيڪڙو رهي. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ڪورونا جا 456 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ مثبت ڪيسن جي شرح 20.61 سيڪڙو جڏهن ته حيدرآباد ۾ اها شرح 0.83 سيڪڙو هئي. اين سي او سي موجب پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به ڪورونا جا مثبت ڪيس وڌي رهيا آهن. لاهور ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.29 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 1.52 سيڪڙو، ڪوئيٽا ۾ 2.71 سيڪڙو، مردان ۾ 2.21 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 3.48 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 0.75 سيڪڙو رهي. پشاور ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 4.51 سيڪڙو جڏهن ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ اها شرح 2.44 سيڪڙو هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو