دعا زهرا جي عمر 15 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهي: ميڊيڪل بورڊ رپورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت جي حڪم تي ميڊيڪل بورڊ دعا زهرا جي عمر جي تعين بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ دعا زهرا جي عمر جي تعين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي. جيو نيوز دعا زهرا جي عمر معلوم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ جي ڪاپي حاصل ڪري ورتي، جنهن موجب دعا جي عمر معلوم ڪرڻ لاءِ ڪلائي، کلائي ۽ ڪلهن جا ايڪسري ڪيا ويا. رپورٽ موجب ڊينٽل ٽيسٽ موجب دعا زهرا جي عمر 13 کان 15 سالن جي وچ ۾ آهي. رپورٽ موجب ريڊيڪل ٽيسٽ موجب دعا زهرا جي عمر 16 کان 17 سالن جي وچ ۾ آهي.رپورٽ موجب ميڊيڪل بورڊ اتفاق ڪيو ته دعا زهرا جي عمر 15 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهي جڏهن ته عمر 15 سالن جي ويجهو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو