جوني بيئرسٽو ۽ ويرات ڪوهلي جي وچ ۾ لفظي جنگ

ايجبسٽن (ويب ڊيسڪ)رانديگر سٺا دوست آهن پر ميدان تي هڪ ٻئي جا دشمن نظر اچن ٿا، جنهن جو عڪس ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري ٽيسٽ ميچ ۾ به نظر آيو.ايجبسٽن ٽيسٽ دوران دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن انگلينڊ جي بهترين جاني بيئرسٽو ۽ ڀارتي فيلڊر ويرات ڪوهلي وچ ۾ لفظي جنگ لڳي وئي.پرڏيهي چينل طرفان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هن وڊيو ۾ ٻنهي وچ ۾ لفظن جي جنگ به ٻڌي سگهجي ٿي.وڊيو ۾ ويرات ڪوهلي جاني بيئرسٽو کي ڪريز تي بيهڻ جو اشارو ڪري رهيو آهي جڏهن ته سندس چپن تي آڱر رکي بيئرسٽو کي خاموشي سان کيڏڻ لاءِ چيو آهي، جڏهن ته بيئرسٽو به ويرات جي اهڙي رويي جو جواب ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو