مهر سردارن جي سرچاءُ جون ڪوششون، هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

خانپورمهر (ن سنڌيار) خانڳڙه جي مھر سردارن پي پي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر ۽ جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر وچ ۾ هلندڙ اختلاف ختم ڪرائڻ لاء خانڳڙھ ۾ هزارين ماڻهن جو ڌرڻو، احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي،،، علي گوھر مھر ۽ احمد علي خان مھر، ڪئمپ تي پهتا، خاطري باوجود ڌرڻو جاري، مظاهرين ماني واپس ڪري ڇڏي رات ترسڻ جو اعلان مهر سردار جيسيتائين صلح نه ڪندا احتجاج جاري رهندو، مظاهرين،. خبر موجب خانڳڙھ جي مھر سردارن محمد بخش خان مھر ۽ علي گوھر خان وچ ۾ هلندڙ اختلاف ختم ڪرائڻ لاء سرحد واسي اختر حسين مهر صبح جو پنھنجا معصوم ٻارڙا وٺي خانڳڙه پهتو ۽ بک هڙتال تي ويھي رھيو اهڙيون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد سنڌ جي مختلف شهرن مان مهر توڙي ٻين مختلف برادرين سان هزارين ماڻهو قافلن جي صورت ۾ خانڳڙھ پهچي ويا جتي هنن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، ڪئمپ تي علي گوھر خان مھر پهتو ۽ ڳالهائيندي چيو ته مهر برادري اسان جي آهي ۽ اسان مهر برادري جا آهيون برادري آهي ته اسين آهيون علي گوھر خان مھر چيو ته جيڪو برادري فيصلو ڪندي اسان کي قبول ھوندو اسان برادري جا فيصلا ڪندا آهيون برادري به اسان جا فيصلا ڪري سگهي ٿي محمد بخش خان منهنجو ڀاء آهي اسين ٺهي وينداسين علي گوھر خان مھر جي اهڙي خاطري باوجود مهر برادري جي احتجاجي ڪئمپ جاري آهي علي گوھر خان ۽ محمد بخش خان طرفان موڪليل ماني به ڪئمپ تي ويٺل ماڻهن واپس ڪري ڇڏي ۽ چيو ته جيسيتائين مهر سردار ٺاھ نه ڪندا ماني نه کائينداسين ۽ احتجاج جاري رهندو،هوڏانهن احمد علي خان مھر، رحيم بخش خان بوزدار، عمر خان مهر توڙي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن پڻ ڪيمپ تي پهچي مهر برادري جي ماڻهن کي خاطري ڪرائي ته محمد بخش خان سان ڳالهائي انشاء الله جلد ٺاھ ڪرائيندا سين.. هوڏانهن خانڳڙه ۾ مهر برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻهن جي ڪئمپ لڳل آهي جتي مهر برادري غلام رسول خان مھر عبدالرزاق مهر. ڪرم خان مهر سميت مختلف برادرين جا ماڻهو ۽ شهري وڏي تعداد ۾ ڌرڻي ۾ ويٺل آهن، جڏهن ته مختلف مختلف ضلعن مان به مهر برادري جا قافلا پڻ پهچڻ شروع ٿي ويا، احتجاج ڪندڙ جو هڪ ئي مطالبو آهي ته جيستائين مهر سردار خاص طور محمد بخش خان مهر ۽ علي گوهر خان مهر وچ اختلاف ختم نه ٿيندا تيستائين ڌرڻو جاري رهندو..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو