اهي ماڻهو بار بار عمران خان جي زال سان هر معاملو ڳنڍي رهيا آهن: فرخ حبيب

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هي ماڻهو بار بار عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي سان ڳنڍي رهيا آهن. هڪ بيان ۾ فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪمران اسان جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪن ٿا پر اهي رڳو پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا. هن چيو ته اسان جي مخالفن وٽ توشه خاني کانسواءِ عمران خان خلاف ڪجهه ناهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته مخالفن کي ڄاڻڻ گهرجي ته رڳو عمران خان جو دستخط ٿيل بيٽ ڪروڙين رپين ۾ وڪامندو آهي. هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي 40 سالن جي ڪمائي جو حساب ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو