آمريڪي ايئرپورٽس تي رش، عملو گهٽ، اڏامون ڪينسل

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ يوم آزادي جي موقعي تي ايئرپورٽس تي عملي جي کوٽ سبب 600 کان وڌيڪ اڏامون منسوخ ۽ 3000 کان وڌيڪ دير جو شڪار ٿي ويون. آمريڪي ميڊيا موجب 4 جولاءِ تي آمريڪي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي مسافرن جو رش رهيو. ايئرپورٽ عملي جي کوٽ سبب 600 کان وڌيڪ اڏامون منسوخ ۽ 3 هزار کان وڌيڪ دير جو شڪار ٿي ويون. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪورونا ايس او پيز ۾ نرمي سبب ايئرپورٽس تي مسافرن جو انگ وڌي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا وائرس جي شروعات ۾ ايئر لائن انڊسٽري جي تباهي سبب ايئرلائنز کي عملي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو