ڪپل شرما خلاف آمريڪا ۾ ڪيس داخل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪاميڊين اسٽار ڪپل شرما خلاف آمريڪي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سائي يو ايس اي انڪ نالي هڪ ڪمپني ڪپل شرما خلاف 2015 ۾ اتر آمريڪا جي دوري دوران معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو آهي.ڪمپني جي سربراهه اميت جيٽ لي موجب هي 6 شوز بابت آهي جيڪي ڪپل شرما 2015ع ۾ اتر آمريڪا ۾ سائن ڪيا ۽ ان لاءِ پيسا ڏنا.اميت جيٽ لي ڪپل شرما تي پرفارم نه ڪرڻ ۽ جواب نه ڏيڻ جو الزام هنيو آهي جيتوڻيڪ اسان ڪيترائي ڀيرا عدالت ۾ ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته اهو ڪيس اڃا نيويارڪ جي عدالت ۾ التوا ۾ آهي ۽ هو ڪپل شرما خلاف قانوني ڪارروائي ضرور ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو