بمرا جون هڪ ئي اوور ۾ 36 رنسون،ريڪارڊ قائم

برمنگهم (اسپورٽس نيوز)انگلينڊ جي فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو مهانگو ترين اوور هلايو آهي. ڀارت خلاف برمنگهم ٽيسٽ ۾ اسٽورٽ بروڊ هڪ اوور ۾ 35 رنسون ڏنيون، جنهن ۾ 6 اضافي رنسون پڻ شامل هيون، جڏهن ته 29 رنسون جسپريت بمرا اسڪور ڪيون. بمرا براڊ جي اوور ۾ ٻه ڇڪا، چار چوڪا هنيا ۽ هڪ سنگل ورتي، هن اوور ۾ هڪ ڇڪو نوبال تي لڳو جڏهن ته براڊ 5 وائيڊ جون رنسون پڻ ڏنيون. ان سان گڏوگڏ جسپريت بمرا بيٽر طور هڪ اوور ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هڪ ئي اوور ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ڏيڻ تي براڊ جو نالو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي. اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سريش رائنا ۽ هرڀجن سنگهه پڻ تاريخي ڪارنامي تي سندس ساراهه ڪئي آهي. جڏهن ته اڀي نالي هڪ مداح هن وقت تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي مهانگن اوورن جي فهرست پڻ پوسٽ ڪئي فهرست برائن لارا، جارج بيلي ۽ ڪيشو مهاراج هڪ اوور ۾ 28، 28 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته شاهد آفريدي 27 رنسون ٺاهيون هيون هاڻ ان فهرست ۾ موجود آهي پر هاڻ جسپريت بمرا سڀني کي مات ڏئي هڪ اوور ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو