متحده عرب امارات ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارتن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب شارجه ۽ دبئي ۾ زلزلي جا زوردار جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. يورپي ميڊيٽرينين زلزلي مرڪز موجب، زلزلو ڏاکڻي ايران ۾ آيو، جنهن جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي ۽ ان جي شدت 6.3 هئي. زلزلي جو مرڪز ايراني بندرگاهه لنگه کان هيٺ ٻڌايو ويو، جيڪو يو اي اي جي رياست شارجه کان 150 ڪلوميٽر پري هو. زخمين يا سخت نقصان جي ڪا فوري رپورٽ نه هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو