عدالتي حڪم تي دعا جو ٻيهر ميڊيڪل،والدين طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عدالت جي حڪم تي پوليس جي خاص ٽيم دعا زهرا کي علاج لاءِ ڪراچي پهچايو. پوليس موجب خاص ٽيم دعا زهرا کي لاهور کان ڪراچي وٺي وئي جتي اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل دعا کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.ذريعن موجب پوليس دعا زهرا کي سروسز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ڪيو، جتي دعا جا ايڪسري ۽ مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن بعد پوليس دعا کي ڊائو ڊينٽل اسپتال پهچايو، جتي ڇوڪري جي ڏندن جو معائنو ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته دعا زهرا کي ڊينٽل اسپتال مان واپس سروسز اسپتال آندو ويندو.ذريعن موجب دعا زهرا جي ٽيسٽ جون رپورٽون ٽن کان چئن ڏينهن ۾ اينديون.ميڊيڪل بورڊ دعا جي ماءُ کي طلب ڪري ورتو، جيڪو بورڊ آڏو پيش ٿيو، جتي بورڊ ميمبرن کان دعا جي زندگي بابت سوال پڇيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ دعا زهرا جي والد ۽ وڪيل کي به طلب ڪري ورتو آهي.ڪراچي جي مقامي عدالت 25 جون جي فيصلي ۾ دعاءِ زهرا جي ميڊيڪل لاءِ بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس جي ٽيم دعا کي وٺڻ لاءِ لاهور پهتي.عدالت چيو هو ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ ۽ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏيندي، عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ صحت واري سيڪريٽري کي لکندو، صحت وارو سيڪريٽري به عدالت کي ميڊيڪل بورڊ بابت آگاهه ڪري. ان کي وٺي اچو يا اتي علاج ڪرايو، اهو معاملو عدالتي ڪارروائي جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو