انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اڄ جي شروعات کان وٺي 204.50 رپيا في ڊالر تي پهچي ويو آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ 20 پئسا گهٽتائي ٿي وئي، جڏهن ته واپار دوران ڊالر جي قيمت ۾ 62 پئسا گهٽتائي ٿي.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج مثبت زون ۾ واپار شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت تائين هينڊريڊ انڊيڪس 60 پوائنٽس وڌي 41 هزار 350 جي سطح تي پهچي ويو آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڊالر جي قيمت 1 رپيا 17 پئسا گهٽتائي سان 204.70 رپيا ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو