قومي اسيمبلي مالي سال لاءِ 278 کرب رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال لاءِ 278 کرب رپين جي لازمي خرچن جي منظوري ڏئي ڇڏي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ لازمي خرچن جي تفصيل جي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ مقامي قرضن جي ادائيگي ۽ سروسنگ لاءِ 230.93 کرب رپيا رکيا ويا آهن. پينشن لاءِ 3.45 ارب رپيا، گرانٽس ۽ سبسڊيز لاءِ 22 ارب رپيا، سپريم ڪورٽ لاءِ 3.9 ارب رپيا ۽ چونڊن لاءِ 6.28 ارب رپيا رکيا ويا آهن.قومي اسيمبليءَ لاءِ 2.70 ارب رپيا، سينيٽ لاءِ 2.34 ارب رپيا، صدر جي عملي ۽ خاندان لاءِ 645 ملين رپيا ۽ اهلڪارن جي الاؤنسز لاءِ رکيا ويا آهن. اهڙي طرح 2023ع جي چونڊن لاءِ 6 ارب 28 ڪروڙ 52 لک رپيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 30 جون 2023ع تائين 1 ارب 12 ڪروڙ 20 لک رپيا، عورتن کي ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا آهن. پڻ منظور ڪيو ويو. پرڏيهي ترقياتي قرضن ۽ ايڊوانسز لاءِ 296.87 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرضن جي واپسي لاءِ 44.46 ٽريلين رپين جي خرچن جي منظوري ڏني وئي. قومي اسيمبلي 30 وزارتن، ڊويزنن ۽ ادارن لاءِ 4 هزار 577 ارب رپين کان وڌيڪ جي 83 مطالبن جي پڻ منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو