فرانس ۽ پاڪستان ۾ معاهدو، قرض واپسي ملتوي

پيرس(ويب ديسڪ) پاڪستان لاءِ سٺي خبر آهي ته حڪومت فرانس سان قرض جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تحت 10 ڪروڙ 70 لک ڊالر قرض جي ادائيگي ملتوي ڪئي وئي. ان حوالي سان اقتصادي معاملن بابت ڊويزن جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۽ ڊسمبر 2021 ۾ واجب الادا قرض 6 سالن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ پاڪ-فرانس 261 ملين ڊالر قرض جي معطلي جي معاهدن تي به صحيحون ٿي چڪيون آهن. اقتصادي معاملن بابت ڊويزن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي هيل تائين 3 ارب 68 ڪروڙ ڊالر جي قرضن جي ادائيگي ملتوي ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو