مونس الاهي ايف آءِ اي ۾ ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيا

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو اڳواڻ مونس الاهي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ۾ شامل ٿي ويو آهي. مونس الاهي ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا. ياد رهي ته لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي جي 4 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي هئي. ايف آءِ اي ذريعن موجب مونس الاهي تي 24 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي، مونس الاهي ايف آءِ اي کان پڇيل سوالن جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو