مڪاني چونڊن جي آمد

جاويد احمد چانڊيو
سنڌ ۾ پھريون مڪاني چونڊن جو مرحلو26جون تي ٿي رھيو آھي،عام مڪاني چونڊن جي تياري وڏي زورشور سان جاري آھن،بلدياتي اليڪشن سياسي بنيادن تي ٿي رھي آھي،ھرسياسي ڌرپنھنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات کي ھڪ ڪري ڇڏي آھي،سياسي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بھ وڌي چڪي آھي، الزام تراشي وارو ماحول بھ عام ٿي چڪو آھي،سياسي ڇڪتاڻ سان نتيجا خراب نڪري سگھن ٿا،ملڪي قومي مفاد خاطرامن، سھپ، برداشت جو ڪلچرامن جي ضمانت پڻ آھي، مڪاني چونڊن ۾ اڪثرسياسي سماجي ڌريون حصووٺي رھيون آھن،مڪاني چونڊن ڀرپورحصو وٺڻ جمھوري ڪلچرمڙني لاءِ بھتر رھندو،سياسي سماجي اڳواڻ اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ پر اميد آھن، سياسي سماجي ڌريون پنھنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِگھڻو سرگرم ٿي چڪيون آھن،مڪاني چونڊن ۾ وڌيڪ سياسي گرما گرمي ڏسجي رھي آھي، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ ، پ پ شھيد ڀٽو گروپ، پ پ ورڪرز پارٽي،پاڪستان تحريڪ انصاف،جي ڊي اي، (ف)مسلم ليگ،عوامي جمھوري پارٽي، جي يو آءِ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، ڄام شورو اتحاد،شھري اتحاد، سنڌ يونائيٽيڊپارٽي،عوامي تحريڪ، مجلس وحدت مسلمين، قومي عوامي تحريڪ،عوامي فورم،لاڙڪاڻوعوامي اتحاد،نيشنل پيپلزپارٽي، مھر گروپ،مرزا گروپ، مسلم ليگ (ق) پاڪستان مسلم ليگ (ن)ايم ڪيو ايم پاڪستان، پاڪ سرزمين پارٽي، جماعت اسلامي، سني تحريڪ، جي يو پي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ،عوامي اتحاد،راڄوڻي اتحاد، آزاد ڌريون،مڪاني ۾ چونڊن ڀرپورحصووٺي رھيون آھن،ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ عوام جا بنيادي مسئلن جي حل ڪرڻ جا وچن ڪيا پيا وڃن.
سنڌ ۾ پ پ کي اقتدار جو ڊگھو عرصو موقعو رھيو، عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي نھ سگھيا، عوام جي مايوسي نا اميدي وڌي چڪي آھي،سياسي جوڙتوڙ۽اتحاد جو عمل بھ جاري آھي،عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش سان گڏ رٺلن کي پرچائڻ ۾ ڪا ڪسر ناھي ڇڏي وئي آھي،مڪاني چونڊن جي ٽڪيٽ جي تقسيم سان پ پ جانظراندازجيالا اڳواڻ ڪارڪن سخت مايوسي جو شڪارآھن،ھالا جي مخدوم خاندان کان ويندي خيرپورجا جيلاني خاندان مگسي ،چانڊيا نواب۽ ٻين سياسي با اثرگھراڻن جا پ پ سان اختلاف کلي منظرعام تي اچي چڪا آھن،ھڪ ٻئي جي سياسي گرفت ڪمزورڪرڻ جي عمل تي پوري طرح مصروف عمل ۾ آھن، نظرانداز پ پ اڳواڻ خيرپورجي جيلاني خاندان سان تعلق رکندڙن اھوپريس ميڊيا کي موقف ڏنو آھي تھ پ پ درٻارين کي نوازيوآھي، پ پ کي غلط فيصلن سان سخت سياسي نقصان جو انڪار نھ ٿو ڪري سگھجي،پ پ ۾ سچن وفادارقرباني ڏيندڙڪارڪنن جو قدر ناھي رھيو.
پ پ ۾ ڏڦيڙ۽بغاوت جو سلسلو تيز ٿي ويو آھي،پ پ خلاف پ پ جا باغي جيالا بھ مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آھن، پ پ جي ٽڪيٽ کان محروم پ پ سان بغاوت ڪندڙگروپ اڪثرشھرن ڳوٺن ۾ منظرعام تي اچي چڪا آھن،سياسي ڌريون توڙي آزاد گروپ مڪاني چونڊن ۾ پنھنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڏاجتن ڪري رھيا آھن،پ پ جي قيادت وڏي زورشور سان مڪاني چونڊن جي ڪاميابي لاءِ محنت ڪري رھيا آھن،پ پ سنڌ حڪومت جي سھاري ڪيترن اميدوارن کي بنا مقابلي ۾ ڪامياب ڪرائڻ ۾ انتظاميا  جي مدد ،حڪومتي مشينري کي استعمال بھ خوب ڪيو آھي، پ پ مخالف ڌرين اھو بھ الزام لڳايو آھي تھ  پ پ سان مقابلوڪندڙمخالف سياسي ڌرين کي انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اليڪشن عملوپ پ جو ونگاري ٿي ڪم ڪري رھيو آھي،پ پ مخالف ڌرين جا بنا ڪنھن سبب ڄاڻي واڻي فارم رد ڪيا پيا وڃن،پ پ ڌانڌليون ڪرڻ جا منصوبا جوڙي ورتا آھن.
ٿرپارڪر ۾ پ پ جي امڪاني ڌانڌلين خلاف ڀرپورعوامي احتجاج ٿيو آھي، اليڪشن ڪميشن ڌانڌلين جو فوري نوٽيس وٺڻ گھرجي، پ پ مخالفين تي ھٿ ٺوڪيا ڪوڙا ڪيس ۽پوليس جو استعمال ڪري پريشروجھي پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪم ٿي رھيوآھي، پ پ ڌانڌلين جي ناڪام ڪوشش ڪري رھي آھي،عوام جا بنيادي مسئلا حل نھ ٿيڻ ڪري پ پ کان پڇاڻو بھ ٿي رھيو آھي،۽ ڪرپشن ڪري عوام پ پ کان بي زارآھي، سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن ۾ اثر انداز ٿي رھي آھي،پ پ سان مقابلو ڪندڙڌرين کي مختلف قسمن جون لالچون ڏيئي پ پ پنھنجا اميدوارڪامياب ڪرائڻ ۾ وڌيڪ سرگرم آھي.
اھا حقيقت آھي تھ گذيل15سالن کان سنڌ ۾ حڪومت پ پ جي آھي،عوام جا اڪثر ساڳا مسئلا ۽ساڳا سورھن وقت ٻيڻا ٿي ويا آھن، سنڌ جا شھرپنھنجي خوبصورتي وڃائي چڪا آھن،سنڌ جي شھرن جو مثال موھن جي دڙي جي تصوير بڻيل آھن،15سالن ۾ مڪاني ادارن ۾ ڪرپشن جو عروج رھيو،عوام تي اربين رپيا خرچ ٿيڻ بجاءِ ملي ڀڳت سان فنڊ ھڙپ ڪيا ويا،ترقي خوشحالي عوام جو خواب بڻجي وئي،  سنڌ جو ھر اداروڪوبھ ڪرپشن کان پاڪ نھ آھي،ڪرپشن جي نشاھدي ڪرڻ جي باوجود پ پ جي قيادت جو خاموش تماشائي وارو ڪردارھن وقت پ پ کي تمام ڏکيو پئجي ويو آھي،پ پ کي مڪاني چونڊن ۾ وڏين مشڪلاتن سان مقابلو ڪري رھي آھي،15سالن عوام جا بنيادي مسئلا،جھڙوڪ، مھانگائي،بي روزگاري،بجلي، گئس، روڊ رستا تباھ،تعليم جي تباھي، بند اسڪول،امن امان تباھ، پيئڻ ۽زراعت لاءِ پاڻي شديد وڏو مسئلو بڻيل،پاڻي جي چوري ۾ ملوث مافيا اڳيا پ پ سرڪار مڪمل بي وس بڻيل آھي،ھرشھر ڳوٺن ۾ پ پ جي اميداران کي عوام سڌيون ٻڌائڻ لڳو آھي ،عوام جا پ پ مڪاني چونڊن ۾ بائيڪاٽ جا اعلان بھ زوروٺي رھيا آھن.
پ پ جي باني باغي نظرياتي اڳواڻن ڪارڪن جو چوڻ آھي تھ شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ پ پ ۾ سچا وفادارقرباني ڏيندڙ ڪارڪن نظر انداز ٿي ويا،ڪرپٽ مافيا پ پ کي تباھي جي ڪناري تي پھچايو آھي،سچاڪارڪن سائيڊ تي ٿي ويا، پ پ ۾ نوابن،سردارن،وڏيرا ڀوتارپ پ جو تاج بڻيل آھن، مڪاني چونڊن ۾ بنيادي ڪارڪنن کي مڪمل طور نظر انداز ڪري من پسندي ٽڪيٽن جي تقسيم ڪئي وئي آھي ،نوابن سردارن، وڏيرن جي اولادن ۽ انھن جي خاص ماڻھن کي نوازيو ويو آھي، ھن وقت پ پ نوابن ، سردارن، وڏيرن ،ڀوتارن  کي پاڻ سان ملايو آھي،پ پ جي ڪارڪن جي ڪابھ اھميت نھ آھي،مڪاني چونڊن ۾ ڪرپشن کان  پاڪ عوام دوست ھڏ ڏوکي ڪردارن کي ڪامياب ڪيو وڃي تھ ان جا مستقبل ۾ تمام بھتر نتيجا ملي سگھندا،

پهنجو تبصرو موڪليو