هر سال مڪاني چونڊون ٿينديون رهن ………..!

اي اي عباسي
پياري پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، بينظير آباد ۽ سکر، چئن ڊويزنن جي 14 ضلعن ۾ 26 جون بروز آچر 2022ع تي بلدياتي اليڪشن ٿي رهي آهي، هن مڪاني چونڊن ۾ ڪنهن جا ڪنهن جا ٺٺ ٺانگر، مزا ، اصل ڪاروبار ۾ رونقون اچي وڃن ٿيون، انهيءَ بلدياتي اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ غريب مزدور پورهيت ماڻهن جو روزگار اٽو ميٽڪ پاڻ مرادو وڌي وڃي ٿو، جنهن ۾ اليڪشن جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ اعلان ٿيندي ئي پهريان پهريان فوٽو اسٽيٽ شاپس وارن ، فوٽو گرافري، ڪئمرا مينن، پينٽرن، پينا فليڪس ٺاهيندڙن جا ڏينهن ته ڏينهن پر راتون به دڪانن تي ڪم جي وڌڻ ڪري گذرن ٿيون، ڪم جي پيهه رش سبب ڪافي جاين تي بليڪ واڌو پئسن تي به ڪم شروع ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي ڪٿي ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار نئين سياسي شوق ۾ اصل مينهون، ٻڪريون، رڍون ۽ ٻيا ڍور ڍڳا سڀ وڪرو ڪري اميدوار طور سامهون اچڻ لڳن ٿا، اهڙا سياسي شوق ۽ اميدوار طور ايوان ۾ اچڻ جون خواهشون ڪيترن کي وڏيون مهانگيون به پون ٿيون، هن مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار سڀ ڀلا معتبر اصل ڳالهه نه ڪري ٿڪجي پئو، انهن ۾ ڪافي سماجي ڪردار طور معزز شاندار ڪارڪردگي سبب سڃاتا وڃن ٿا، باقي ته اڪثر ڀينگ لولي پاپ ڏيندڙ تماش بين سياسي مرغا ظاهر ٿين ٿا، هن اليڪشن ۾ ڏهاڙي دار مزدور وڏو ڪمائين ٿا، روز جي بنياد تي جلسن جلوسن، ريلين ميڙاڪن ۾ اهي ماڻهو هر ٻئي جاءِ هر جلسي جي اندر ناچ گانن تي جهمريون هڻندي نظر ايندا رهندا آهن، بدقسمتيءَ سان پنهنجي ملڪ ۾ نظرياتي، اصولي، خانداني، صاف سٿري سياست جو انت اچي ويو آهي، معذرت سان چوڻو ٿو پئي ته هن ملڪ ۾ دهل دهمانن ناچ گانن ۽ جهمرين واري سياست کي سياست نه پر ڊرامي بازي ناٽڪ رنگ جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو، هيءُ ملڪ وڏين قربانين سان ٺهيو پر انهي جو ڪو به قدر نه ڪيو ويو ۽ هتي لٽمار جي سياست کائو ۽ کارايو واري بي ڍنگي سياست کي عبادت ڪيئن چئي سگهجي ٿو ؟، تماش بينن جي وچ ۾ حساس قسم ۽ خود دار قسم جي ماڻهن جو دم ٿو گهٽجي، هل هنگاما ، ناچ گانن تي رقص اهو سياسي نج اصلي ورڪر گهٽ ۾ گهٽ نٿو ڪري سگهي، سياسي سمجهه سوچ ڪليور مائنس دل ۽ دماغ وارو ڪارڪن، ورڪر ته سياست کي عبادت وانگر سرانجام ڏيڻ جي اول کان آخر تائين ڪوشش ڪندو رهندو آهي، ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندڙ ڪير آهن ؟، ملڪ کي بين الاقوامي طور تي نڌڻڪو اڪيلو ڪندڙ ڪير آهن ؟، آءِ ايم ايف جي رحم ڪرم تي ڇڏيندڙ ۽ انهن کان بار بار ڊڪٽيشن وٺندڙ ڪير آهن؟، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائيءَ جا پهاڙ ڪيرائيندڙ ڪير آهن؟، بار بار اسان سادا سودا بڻجي ، آزمايلن کي آزمائي وڏا بيوقوف ناهيون ته ٻيو ڇا آهيون؟، ٻين ملڪن صوبن ۾ ترقيءَ جو اصل راز ڪهڙو آهي ؟، اهي پنهنجن علائقن جي ترقيءَ سان مشروط بهترين لاجواب سماجي ڪردار ادا اميدوارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڪن ٿا. بلدياتي اليڪشن ۾ ڪنهن به ماڻهو کي ووٽ ڪرڻ لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي ته علائقي وارا انهي کي چڱي طرح سڃاڻين ۽ سمجهن ٿا، هيءَ مڪاني چونڊن وارو ووٽ حقيقت ۾ پارٽين، جماعتن ۽ تنظيمن بجاءِ انفرادي طور تي اليڪشن وڙهڻ جو طريقڪار واضع ٿيڻ گهرجي ها، انهي سان ٻه فائدا ٿين ها ته هڪ ته ڪافي نا اهل ماڻهو سياسي اثر ۾ لڪيل ماڻهو اڳتي نه اچي سگهن ها ۽ ٻيو اهو ته سياست جي الف ب کان اڻ واقف اميدوار عوام جي اڳيان کليل شڪست کاهين ها، هاڻي سياسي پارٽين، جماعتن ۽ تنظيمن جي نالي ۾ سڀ برابر لڳا پيا آهن، کري ۽ کوٽي جي خبر ئي نه ٿي پوي، سياست ۾ رڳو پنج سالا تعزيتون عذرخواهيون ناهين ڪرڻيو، سياست ۾ صرف اليڪشن جي ڏهاڙن ۾ ڀوتارن جي عاليشان بنگلن ۾ ڀت بريانين جي پليٽن تي ماڻهن کي ناهي گڏ ڪري تعداد ناهي ڏيکارڻو، سياست ۾ رڳو چند ڏهاڙا اليڪشنن وارن ڏينهن ۾ اميدوارن کي ظاهر ڪري منهن ناهي ڏيکارڻو، باقي پنج سال اعلان گمشدگي نه هجڻ گهرجي، اليڪشن جي ڏينهن ۾ ته ڌڙا ڌڙا ترقياتي ڪم ڪار گهٽين، پاڙن، محلن ۽ روڊن رستن جي مرمت ٿيندي رهي ٿي تڏهن ته چئون ٿا ته جيڪر پنجن سالن بعد نه پر هر سال اليڪشن ٿيندي رهي ته اسان جي علائقن ۾ ترقياتي ننڍا ننڍا ئي ڪم ڪار ته ٿيندا رهن ۽ اسان پنهنجن ڀوتارن جي زوڪاٽ ڪندڙ پرڏيهي گاڏين جا آواز ٻڌي سمجهي وڃون ته اليڪشن ويجهي آهي ضرور پنهنجو رئيس وڏو اچڻ وارو آهي؟، پوءِ پاڻ مٽيءَ زمين تي ويهي ۽ انهيءَ اعلان گمشدهه واري اميدوار جي لاءِ هنڌ رليون چادرون وڇائي شاندار آڌار ڀاءُ ڪندي خوشامد جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڏيندا آهيون، ڀوتار وڏي جون سموريون ڪوتاهيون، غلطيون، ڪوڙ، ٺلها دلاسا وساري ويهندا آهيون، وري نون ڪوڙن نام نهااد ڳالهين ٻڌڻ لاءِ حاضر سرڪار جي ٻولي ڳالهائيندا آهيون، پوءِ ته رئيس وڏو ته وڏو پر انهن جا واٺا به هڪلون ڏيندي سالن جا سال اسان کي زمينن جي پاڻيءَ کان محروم ڪندا رهندا، اسان خاموش، روزگار تي ڌاڙا لڳند رهندا ۽ غير ملڪي غير صوبائي جعلي ڊوميسائيل رکندڙن کي نوازڻ تي وزيرن جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي پر اسان خاموش، سنڌ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ نه پر ڏينهن جا ڏينهن بجلي غائب آهي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جي نالي ۾ ون وي ۽ ٽو وي، ايڪسپريس لائنون وڇائڻ به فرمائش تي هلڻ سنڌ جي عوام سان نسورو ناحق آهي، جڏهن ته سراسري برابري جي بنياد تي بجلي ملڪ جي هر شهري کي فراهم ڪرڻ حڪومت وقت جي اهم ذميواري آهي، هن وقت سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، گرينڊ ڊيموڪريٽيڪ الائينس، لاڙڪاڻو عوامي اتحاد، جمعيت علماءِ پاڪستان علامه شاهه احمد نوراني ،جمعيت علماءِ اسلام فضل الرحمان، انهن ۾ ڪرين، ستارو، ڪتاب، ڪار، بيٽ، تير ۽ ٻيا انتخابي نشان آهن. اليڪشن جي ڏينهن پوري سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي مڪمل پابندي هجڻ سان گڏ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو آهي، هن مڪاني چونڊن ۾ 8 هزار 424 پولنگ اسٽيشنن مان هڪ هزار 985 پولنگ اسٽيشنون انتهائي احساس قرار ڏنيو ويون آهن ۽ 3448 حساس ۽ 3291 نارمل آهن، انهن ۾ انتهائي احساس پولنگ اسٽيشنن تي پوليس جي وڏي نفري سان گڏ ڪيو آءِ ايف به مقرر ڪيو ويندو، اليڪشن جي انتهائي حساس علائقن ۾ 26545 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس (ڪيو آءِ ايف) جي ڏهه هزار 644 اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو