افغانستان ۾ زلزلي سبب 1000 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ گذريل هڪ زلزلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 250 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب افغان صوبي پکتيڪا ۾ گذريل ڏينهن 6.1 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا، زلزلي جي نتيجي ۾ هينئر تائين 250 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر دٻجي ويا جڏهن ته قدرتي آفت ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.رپورٽن مطابق زلزلي جا لوڏا افغانستان جي 500 ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته راڄڌاني ڪابل ۾ به زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6.1 هئي ۽ ان جي اونهائي 51 ڪلوميٽر زير زمين هئي. افغان اختيارين موجب امدادي ٽيمن کي فوري طور تي زلزلي متاثر علائقن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو