پاڪ فوج قيادت مٿان تنقيد ڪندڙ غلط پووپئگينڊا

جيڪڏهن پاڪستان محفوظ آهي ته اهو ڪريڊيت پاڪ فوج ڏانهن وڃي ٿو جڏهن ته ڪيترو به ڏکيو وقت هجي پاڪ فوج سول يعني عوام سدائين هڪ پيج تي رهيا آهن جنهن کان پوء پاڪستان خلاف ٿيندڙ هر سازس ناڪام بنائي ٿي وڃي ، اهرن خيال جو اظهار سٽي لائيو نيوز اسٽوڊيو جي تجزيه نگار سيد زوار حسين شاه ، مينهل لاشاري ، ناز سولنگي مجاهد حسين غلام قادر ، سڪندر چنا ۽ بين ڪيو هنن چيو ته ننڊا آهيون ته ڏسندا پيا اچو ته پاڪستان مٿان ڪيترائي سياسي حمله به ڪيا ويا آهن ملڪ دشمن قوتون مختلف طريقا ااختيار ڪري پاڪ فوج مٿان حمله ڪيا آهن پر هن پاڪستان مٿان هزارين جانيون قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا آفيسر هجن يا پاڪ فوج جا سپاهي هجن پهرئين صف ۾ بيهي جان جو نرانو پيش ڪري پاڪستان جي بقا سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، مان عرض ڪيان ته هن وقت به پاڪستان نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ، جتي حڪمرانن جون غلط پاليسيون هجن ، عوام مهنگائي يج صورت ۾ بک بدحالي جو سڪار هجي ، ملڪ جي معيشت تباهه ته ملڪ تباهه ٿيو وڃي اهڙي صورت حال ۾ به پاڪستان کي سنڀالڻ م عوام جو اهم ڪردار اهي ، اهو ان ڪري جو جيڪڏهن عوام جا بنيادي حق کسيا وڃن عوام جي فلاح بهبود لاء حڪمرانن وٽ ڪجهه نه هجي ته نفرت پيدا ٿيندي ، مان عرض ڪندس ته جيڪڏهن نفرت جو ڪٿي اظهار به ٿيو آهي ته ان جا خاص مقصد اهي به اهن ته حڪمرانن عوام ۾ پاڪ فوج خلاف نفرت ڦهلائي اهي ، سياستدانن پاڪ فوج ۽ عوام درميان بار بار جهيڙي ڪرائڻ جي ڪوشس ڪئي آهي مثال جيڪڏهن هن وقت جي صورت هال جي ڳالهه ڪيان جيڪڏهن رانا ثناء الله جهڙو انسان جنهن مٿان ڪيترائي قتل جا الزام هجن ، پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ عسڪري تنظيمن سان تعلق جا هجن اهو ، عوام مٿان بلاجواز لٺ بازي گرفاتريون ڪرائي ، يا عوام يج آواز کي دٻائڻ جي ڪوشس ڪندو ته نفرت وڌندي ، جڏهن ڪپتان جي سڏ تي اسلام اباد پهتا ته پاڪ فوج کي گهرائي لازمي ريڊ لائين سميت بين اهم جا؟ين جي حفاظت ڪرن لاڀ گهرايو ويو ، جيئن ڪپتان جا تائيگرس اڳتي اچن ته ڇپپاڪ فوج ۽ لکين عوام درميان جهيڙو ٿئي ، پاڪ عرص ڪندس ته هن وقت به پاڪستان انتها.ئي ڏکئي وقت ۾ آهي ، حڪمرانن جن مٿان ڪرپسن جا ازلام هجن اڊيالا جيل اج قيدي هجن ، جن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻي هجي ، انهن کي ملڪ هلائڻ يج زميواري ڏني وڃي مان سمجهان ٿو اها قيامت جي نشاني آهي ان تي به غور فڪر ڪرڻ گهرجي ، عوام ۽ پاڪ فوج هڪ جسم آهن ان ڪري انهن کي نفرت وجهندڙن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو پيو وڃي ، ان جو نوٽيس ورتو وڃي تڏهن ته .پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪ فوج قيادت کي پروپئگنڊا جو نشانو بنايو پيو وڃي، دفاع لاءِ مختص بجيٽ تي گھڻو گوڙ ٿئي ٿو، ڀارت جي وڌندڙ دفاعي بجيٽ پنهنجي سامهون رکو، 2020 کان پاڪستان فوج پنهنجي بجيٽ  ۾ ڪا واڌ نه ڪئي. پرويز مشرف جي طبعيت گهڻي خراب آهي، الله پاڪ کيس صحت ڏئي، ليڊر شپ جو موقف آهي ته پرويز مشرف کي واپس اچڻ گهرجي، واپسيءَ جي حوالي سان فيصلو سندس خاندان کي ڪرڻو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پرويز مشرف کي واپس آڻڻ لاءِ ان جي خاندان سان رابطو ڪيو ويو، فيصلو فيملي کي ڪرڻو آهي، پرويز مشرف جي فيملي جي جواب کانپوءِ انتظام ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته جنرل (ر) پرويز مشرف جي صحت جي صورتحال ۾ انسٽيٽيوشن جو ۽ ليڊر شپ جو موقف آهي ته کيس واپس اچڻ گهرجي، ان ئي سلسلي ۾ پرويز مشرف جي فيملي سان رابطو ڪيو ويو، پرويز مشرف جي واپسي جو فيصلو ان جي فيملي ۽ ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي ته هو ان کي اهڙي ڪنڊيشن ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهن ٿا يا نه؟ ان کانپوءِ ئي ڪي انتظام ڪري سگهجن ٿا، انسٽيٽيوشن محسوس ڪري ٿو ته جنرل مشرف کي جيڪڏهن اسان پاڪستان آڻي سگهون ته آڻڻ گهرجي، ڇو ته ان جي ڪنڊيشن اهڙي آهي. سندس چوڻ هو ته هر سال جڏهن بجيٽ پيش ٿيندي آهي ته دفاعي بجيٽ تي بحث شروع ٿي ويندو آهي، دفاعي بجيٽ ٿريٽ پرسيپشن، چيلينجن، مقرري جي نوعيت، وسيلن کي ڏسندي رکي ويندي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جي وڌندڙ دفاعي بجيٽ پنهنجي سامهون رکو، 2020 کان پاڪستان فوج پنهنجي بجيٽ ۾ ڪا واڌ نه ڪئي، مهانگائي جي شرح سان ڏسون ته دفاعي بجيٽ گهٽ ڪئي وئي، فوج جي بجيٽ جي ڊي پي جي شرح جي لحاظ سان مسلسل هيٺ اچي رهي آهي، اسان 100 ارب رپين جي بجيٽ گهٽ ورتي آهي، اسان يوٽيلٽي بلن جي مد ۾ خرچن کي محدود ڪيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت لاءِ غير ضروري چرپر گهٽ ڪري ڇڏي آهي، ڪانفرنسون آن لائن ڪيون ويون آهن، گذريل سال ڪورونا جي مد ۾ ملندڙ 6 ارب پاڪستاني حڪومت کي واپس ڪيا ويا آهن، فوجي فائونڊيشن سان ساليانو 20 لک کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي رهيا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه عرصي کان فوج ۽ عسڪري قيادت خلاف پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت موجود هئي، واضح طور تي شرڪت ڪندڙن کي بريف ڪيو ويو ته ڪنهن قسم جي سازش جون شاهديون ناهن، اهڙو ڪجهه ناهي  ٿيو، شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي طور ٻڌايو ويو ته ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي تازي سيشن تي ڪو تبصرو نه ڪندس، ڀارت بالنگ ڪئي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾  واضح ۽ تفصيلي طور ٻڌايو ويو ته ڪنهن به قسم جي سازش نه ٿي آهي. چيئرمين جوائنٽ چيفس ۽ ٽنهي سروسز جي سربراهن جي موجودگي ۾ ايجنسين بريفنگ ڏني ته ڪنهن به سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو، اسان سڀ ڪجهه تفصيل سان ڏٺو آهي، مداخلت سفارتي لفظ آهي ان ڪري سفارتي طور قدم کنيا ويا. هن چيو ته بجيٽ ۾ هميشه دفاعي بجيٽ تي بحث شروع ٿيندو آهي، بجيٽ ۾ محدود وسيلن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي ۽ ان ۾ سموريون ذميواريون پوريون ڪيون وينديون آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جي قيادت کي پروپيگنڊا جو نشانو بڻايو پيو وڃي، پاڪ فوج خلاف من گھڙت افواهون پکيڙيون پيون وڃن، ڪوڙ جو سهارو وٺي حقيقتن کي مسخ نه ڪيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابرافتخار چيو آهي ته آرمي چيف چين جو اهم دورو ڪيو، جڏهن ته  چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سي پيڪ جي سيڪيورٽي پاڪ فوج کي ڏني وئي، سي پيڪ جي سيڪيورٽي تي تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو پيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته آرمي چيف دوران ۾ چيني صدر سان پڻ ملاقات ڪئي، آرمي چيف طرفان چين جو دورو تمام اهم هو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ نوعيت جا آهن. پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ امن لاءِ اهم آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته  سي پيڪ جي سيڪيورٽي خاص طور تي پاڪ فوج کي ڏني وئي، سي پيڪ منصوبي جي سڪيورٽي تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو پيو وڃي ، برحال امن عرض ڪندس ته هن وقت به پاڪستان جي حفاظت لاء پاڪ فوج ڪم ڪري رهي آهي سرحدن سميت پاڪستان ۾ جيڪڏهن هن وقت به استحڪام اهي ته جتي ٻين ادارن جي ڪري آهي اتي پاڪ فوج به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ، پر هڪ عرض ڪندس ته پاڪ فوج جنهن سدائين پاڪستان جي بقا آئين کي مدي نظر رکي ڪم ڪيو اهي هاڻ به ڪم ڪري رهي آهي ، پر جهڙي ريت اهي مجرم جن مٿان ڪيس به اهن قيدي به آهن ، صمانتن تي به اهن اهي ملڪ جا حاڪم ڪيئن ٿي سگهن ٿا اهي سوال ضرور هر ماڻهون سوچي ٿو ، ان ڪري مان عرض ڪندس ته پاڪ فوج هاڻ به اهم ڪردار ادا ڪرائي اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرائين جيئن جنهن کي عوام ووت ڏيندو اهو ئي ڪامياب ٿيندو ،
سيد زوار حسين شاه

پهنجو تبصرو موڪليو