ملڪ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند نه ٿيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو.ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مدو 6 کان 14 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.پنجاب جي ملتان ۽ حافظ آباد سميت شهرن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي بند آهي.پشاور جي شهري علائقن ۾ 6 ۽ ٻهراڙين ۾ 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو