Daily Sindhyar
Daily Sindhyar Karachi
رات جو هڪ پارٽي لاءِ عدالتون کولڻ سان سندن ڪردار کي نقصان پهچندو: فواد چوڌري
https://www.dailysindhyar.com/%d8%b1%d8%a7%d8%aa-%d8%ac%d9%88-%d9%87%da%aa-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d8%b9%d8%af%d8%a7%d9%84%d8%aa%d9%88%d9%86-%da%a9%d9%88%d9%84%da%bb-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d8%b3/

رات جو هڪ پارٽي لاءِ عدالتون کولڻ سان سندن ڪردار کي نقصان پهچندو: فواد چوڌري

Posted on 16/05/2022 by Murtaza Mahar

Categories: ,

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته رات جو 12 وڳي هڪ پارٽي لاءِ عدالتون کولڻ سندس ڪردار کي نقصان پهچائي ٿو. لاهور جي علائقي اڊا پلاٽ ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان حقن ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ جلد عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن.هن چيو ته اليڪشن کٽڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جو پهريون ڪم عدالتي سڌارا هوندو، وڪيل موجوده بار جي عهديدارن کان مايوس ٿي ڪردار نڀائي رهيا آهن،جيڪڏهن عدالتون رات جو 12 وڳي ڌرين لاءِ کُلين ته عدالتن جي ڪردار کي نقصان پهچندو.ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جي حوالي سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته ڊاڪٽر رضوان کي ذهني دٻاءُ سبب دل جو دورو پيو، هو تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي آهي جيڪو انهن ماڻهن جي ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي پر اسان جون عدالتون خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.