خانواهڻ (ن سنڌيار)خانواهڻ ٿاڻي جي حد ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي، چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل، هڪ ئي رات ۾ چورن جون ٻه ٻه وارڌاتون، خانواهڻ پوليس ڏوھارين سان ڀاڱي ڀائيوار ۽ غريبن لاءِ جلاد بڻيل، گذريل رات خانواهڻ لڳ الھڏنو اسٽاپ تان بھ جي واپاري قربان علي ڪلهوڙو آفيس ۽ مستري عبدالرحيم سهتو جي دڪانن جا نامعلوم چور دروازا ٽوڙي هزارين رپين جي چوري ڪري ديده دليري سان فرار ٿي ويا، خانواهڻ پوليس خاموشي جو روزو رکي نعرا ننڊ ۾، خبر موجب گذريل رات خانواهڻ وايا ڪوٽڙي ڪبير لنڪ روڊ تي الھڏنو اشٽاپ تان ڪلهوڙا مارڪيٽ مان بھ جي واپاري استاد قربان علي ڪلهوڙو جي آفيس جا نامعلوم چور دروازا ٽوڙي آفيس دڪان م پيل بيٽري، يو پي ايس، ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻهاري ويا، جڏهن ته ساڳئي رات مستري عبدالرحيم سهتو جي ورڪشاپ جا نامعلوم چور دروازا ٽوڙي هزارين رپين جو قيمتي سامان چورائي ديده دليري سان فرار ٿي ويا، روز مرہ جي چورين ۽ فرن عوام جون متيون مجهائي ڇڏيون، هتان جا رهواسي راتين جون راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا پر خانواهڻ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو جنهن جي ڪري عوام جو جان ۽ مال غير محفوظ ٿي ويو، ڳوٺاڻن سيف الله ڪلهوڙو، قربان علي ڪلهوڙو ۽ ٻين داهيندي آء جي سنڌ ،ڊي آء جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي نه ته ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو.جڏهن ته اهڙي واقعي جي خانواهڻ ٿاڻي تي نامعلوم ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.
پاڪستان جي مدد جو الزام،چين ۽ بيلاروس جي ڪمپنين تي پابندي
نئون قرض پروگرام: آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي درخواست منظور
ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو
ضمني چونڊن دوران موبائل، انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جي سفارش
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان