اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي: مريم

گجرات (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي پي ٽي آءِ چيئرمين جو روئڻ ٻڌائي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن نمبر تي هو فون ڪري رهيو آهي اهو نمبر تبديل ٿي ويو آهي.گجرات ۾ عوامي جلسي کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته مسلم ليگ ن عمران خان جي ڪوشش ڪيامياب ٿيڻ نه ڏيندي، عوام کان ووٽ وٺندو ته آواز ايندو رانگ نمبر ۽ پاڪستان ۾ ان وقت چونڊون ٿينديون جڏهن اسان جو قائد نواز شريف لنڊن مان فيصلو ڪندو.هن چيو ته اسان پنهنجي بدترين دشمن لاءِ به موت جي دعا ناهيون ڪندا، اسان دعاڳو آهيون ته عمران خان توهان زنده رهو ۽ نواز شريف جون ڪاميابيون ڏسو، جيڪڏهن وڊيو آهي ته سامهون آڻيو، اسان ضمانت ڏيون ٿا ته نواز شريف توهان کي دل سان سيڪيورٽي ڏيندو.مريم نواز چيو ته هي اهو ئي نواز شريف آهي جنهن توهان کان گاريون ٻڌيون هيون، چونڊ ريلي دوران تنهنجو حال پڇيو هيو پر توهان کي شرم ناهي، عمران خان ڪوڙ تي ٻڌل سياست ڪري رهيو آهي.ن ليگ جي نائب صدر چيو ته نواز شريف خلاف توهان اهڙو ڇا ڪيو جو ڪوٽ لکپت جيل ۾ هن کي کاڌو ڏنو ويو ۽ هڪ ئي رات ۾ زندگي ۽ موت جي ٻڏ تر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو