عمران خان نه گھٻرائي، وصيت پبلڪ ڪري :مراد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه عمران خان پاران سندس قتل جي سازش بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي گهٻرائڻ نه گهرجي ۽ جن مان کيس خطرو آهي ان بابت پنهنجي وصيت پبلڪ ڪري.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ عمران خان کي ڪنهن مان خطرو آهي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ٻه ڏينهن اڳ عمران خان نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا پنهنجي مراد علي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ معاشي بحران آهي، معاشي بحران سبب اڳوڻي حڪومت جي آهي، حڪومتي ٽن سالن ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ رابطو نه هيو، متحدهه سان معاهدي ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ھڪڙو ٺھراءُ شامل آھي، اسان پاڻ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ چاھيو ٿا.مراد علي شاهه چيو آهي ته جمهوريت جي ترقي لاءِ سموريون پارٽيون مل ڪري ڪم ڪنديون، امن امان ۽ حڪومت جي ذميواري آهي،اپوزيشن ليڊر جي معامي تي قانون موجب ڪاروا.ئي ٿيندي

پهنجو تبصرو موڪليو