ڪرڪيٽر زاهد محمود جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)گذريل سال انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ قومي ڪرڪيٽر زاهد محمود جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.زاهد محمود مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي والده جي وفات جي ڏک واري خبر شيئر ڪئي.”منهنجي جنت، منهنجي ماءُ اسان کي ڇڏي وئي آهي،“ هن ٽوئيٽ ڪيو.زاهد محمود اپيل ڪئي ته منهنجي امڙ جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وڃي.ڪامران اڪمل ۽ عابد علي سميت سوشل ميڊيا صارفين زاهد محمود جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.واضح رهي ته گذريل سال انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ زاهد محمود پنهنجي پهرين ڊيبيو ميچ ۾ 3 وڪيٽون ورتيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو