زويا اختر جي نئين فلم ۾ ٻار نظر ايندا

ممبئي(شوبزنيوز)بالي ووڊ جي مشهور ستارن جا ٻار زويا اختر جي نئين فلم سان فلمي دنيا ۾ داخل ٿي رهيا آهن بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار زويا اختر پنهنجي ويب فلم ”دي آرچز“ ۾ ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور بالي ووڊ اداڪارن جي ٻارن کي متعارف ڪرايو آهي. تازو ئي زويا اختر جي نئين فلم ”دي آرڪائيوز“ جو ٽيزر وڊيو نيٽ فلڪس تي رليز ڪيو ويو آهي. نيٽ فلڪس کان علاوه هن ويب فلم جو ٽيزر يوٽيوب، انسٽاگرام، فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي به شيئر ڪيو ويو آهي. هن ٽيزر ۾ ٻين ڪيترن ئي اداڪارن سان گڏ مشهور بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان، اداڪاره سري ديوي جي ڌيءُ خوشي ڪپور ۽ بگ بي جي پوٽي آگسٽيا نندا کي به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي ڏسي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو