لاريب عطا جي هالي ووڊ ۾ هڪ ٻي وڏي ڪاميابي

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني گلوڪار عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي جي ڌيءَ پاڪستاني بصري فنڪاره لاريب عطا هالي ووڊ ۾ هڪ ٻي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.لاريب عطا وڏي بجيٽ مارول سئنيماٽڪ يونيورس جي مشهور فلم ”ڊاڪٽر اسٽرينج“ لاءِ بصري اثرات جي فنڪار طور ڪم ڪيو آهي.ان حوالي سان لاريب عطاءَ جي ڀاءُ موسيقار سانول عطاءَ لاريب سان گڏ هڪ سيلفي ۽ فلم ”ڊاڪٽر اسٽرينج“ جو پوسٽر لاريب سان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي شيئر ڪيو ۽ لکيو ته ”هي عورت ڪڏهن به ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌڻ کان روڪي نه ٿي.”منهنجي ڀيڻ ٻيهر هڪ بلاڪ بسٽر فلم ۾ ڪم ڪيو،“.

پهنجو تبصرو موڪليو