پيٽرول سبسڊي ختم ڪجي يا نه، فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيٽروليم شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي.جيڪڏهن سموريون سبسڊيون ختم ڪيون وڃن ته پيٽرول جي هڪ ليٽر قيمت 45 رپيا 15 پئسا کان وڌي 195 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 230 رپين تائين پهچي ويندي.ياد رهي ته پي ٽي آءِ حڪومت گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف کان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو واعدو ڪندي اگهه منجمد ڪيو هو، پي ٽي آءِ حڪومت جي فيصلي سبب حڪومت کي 100 رپيا ماهوار سبسڊي ڏيڻي پوندي. موجوده حڪومتي وزيرن ان قدم کي بارودي سرنگ قرار ڏنو آهي ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهم ڪاروباري شخصيتن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي.ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي جڏهن معلوم ٿيو ته هو خسارو ٿي رهيو آهي ته پيٽرول تي غير قانوني سبسڊي ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو