ميران شاهه ڌماڪو، ٽن اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاه ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب ميرانشاهه ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن سميت 3 ٻارڙا به شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب شهيد اهلڪارن ۾ حوالدار زبير قادر، پوليس اهلڪار عزير اسفر ۽ سپاهي قاسم مقصود شامل آهن.سڌ سماءَ واري کاتي موجب شهيد ٻارڙن ۾ 4 ورهين جي انعم، 8 ورهين جو احسن ۽ 11 ورهين جو احمد حسن شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس ادارا خودڪش بمبار ۽ ان جي مددگارن ۽ سهولتڪارن کان جاچ ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو