شان مسعود جي ٽين سينچري اسڪور

لنڊن (اسپورٽس نيوز)قومي ٽيم جي اوپنر شان مسعود ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ سينچري جي هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪري ورتي.قومي ٽيم جو اوپنر شان مسعود ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ڊربي شائر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ سندس شاندار ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي، هن ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ٽين سينچري اسڪور ڪئي.ووسٽر شائر خلاف شان مسعود 115 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي.اوپننگ بيٽسمين هن ڪائونٽي سيزن کان اڳ ٻه ڊبل سينچريون ۽ ٽي اڌ سينچريون اسڪور ڪيون آهن ۽ ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ 826 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو