هن ڀيري چوڏهين جو چنڊ وڏو ۽ روشن هوندو

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي ماهر فلڪيات جو چوڻ آهي ته هن ڀيري 14 تاريخ جو چنڊ معمول کان وڌيڪ وڏو ۽ روشن هوندو ڇو ته اهو زمين جي ويجهو هوندو.سعودي ويب سائيٽ موجب جده ۾ فلڪيات جي تنظيم جي سربراهه انجنيئر ماجد ابو ظهير ٻڌايو آهي ته هن سال 14 هون وڏو چنڊ سعودي عرب سميت عرب دنيا ۾ نظر ايندو.هن چيو ته اهو ڌرتيءَ جي معمولي کان ٿورو ويجهو هوندو، ان جو حجم وڏو هوندو ۽ ان جي روشني وڌيڪ نظر ايندي.انجنيئر ماجد چيو ته ان وقت چنڊ جو مرڪز ۽ زمين جو مرڪز 362.146 ڪلوميٽرن جي وچ ۾ هوندو، چنڊ ڌرتيءَ کان 362.127 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هوندو.هن چيو ته سعودي عرب ۾ هن ڀيري 14 تاريخ جو چنڊ سج لهڻ وقت ڏکڻ اوڀر افق تي چمڪندو نظر ايندو، ان جو رنگ نارنگي جهڙو هوندو. اهو ڌرتيء جي چوڌاري ماحول ۾ مٽي جي پرت جي ڪري آهي. انجنيئر ماجد وڌيڪ چيو ته جيئن چنڊ اڀرندو ته ان جو رنگ اڇي چانديءَ جهڙو ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته چوڏهين جو چنڊ سڄي رات وڏو رهندو، چنڊ سج کان 180 ڊگرين جي زاويي تي هوندو آهي ته پوءِ ان کي چوڏهين جو چنڊ چئبو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو