سيوهڻ بم ڌماڪي جي جوابدارن جون اپيلون رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سيوهڻ بم ڌماڪي جي جوابدارن جي اپيل رد ڪندي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت دهشتگردن نادر علي عرف مرشد ۽ فرقان جي سزا برقرار رکندي رمارڪس ڏنا ته جوابدارن خلاف تمام مضبوط ثبوت پيش ڪيا ويا آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته بيگناهه ماڻهن کي مارڻ وارا دهشتگرد ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن.پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سيوهڻ ڌماڪي ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.واضح رهي ته ٽرائل ڪورٽ جوابدارن نادر ۽ فرقان کي 80 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو