ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف نظرثاني اپيل داخل

اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي رٿ بابت ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي. عمران خان طرفان داخل ڪيل اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ 7 اپريل تي بي اعتمادي رٿ تي 9 اپريل تي ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جي 7 اپريل جي فيصلي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن جن تي نظرثاني جي ضرورت آهي. عمران خان نظرثاني اپيل ۾ استدعا ڪئي آهي ته اسيمبلي جي ڪارروائي دوران ڊپٽي اسپيڪر آئين جي آرٽيڪل 5 تي عمل ڪيو. حڪومت جي سربراهه جو ڊپٽي اسپيڪر جي قدمن سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. ان ڪري سپريم ڪورٽ 7 اپريل جي فيصلي تي نظرثاني ڪندي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو