آسٽريلوي رانديگر فواد احمد ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي رانديگر فواد احمد ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويو آهي. فواد احمد پنهنجي ٽوئٽ ۾ ڪورونا مان صحتيابي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته منهنجو ٻيو ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آيو آهي.هن دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي مداحن جو ٿورو به ادا ڪيو ۽ چيو ته ڪورونا کي مذاق نه سمجهو بزرگن جو خاص خيال رکو. ٽيسٽ ڪليئر ٿيڻ کان پوءِ فواد احمد جلد آسٽريليا روانو ٿي ويندو جتي کيس وڌيڪ 14 ڏينهن قرنطينه ۾ گذارڻا پوندا.ياد رهي ته گذريل ڏينهن فواد احمد جو پي ايس ايل جي دوران ڪورونا ٽيست هاڪاري آيو هو جنهن کان پوءِ  هو قرنطينه ۾ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو