ايمبولينس ڊرائيور جا قاتل گرفتار ڪريو، وارثن جو احتجاجي مظاهرو

سلطانپور)رپورٽ قربان علي مھر) ڀاءُ جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي مقتول ايمبولينس ڊرائيور محمد نواز ڪٽو جي معصوم نياڻين سميت وارثن احتجاجي مظاهروڪيو. ان موقعي تي مقتول جي ڀائرن اعجازعلي ڪٽو، رياض احمد ڪٽو۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڇھ مھينا اڳ جوابدارن اسان جي ڀاء  محمدنواز ڪٽو کي جلال ڳوٺ لنڪ روڊ تي ياسين سما ئر۽ اطھر سمائر۽ ھڪ نا معلوم شخص گڏجي ايمبولينس مان لاھي گوليون ھڻي قتل ڪيو هو. اسان جي ڀاء جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مان ھڪ کي گرفتار ڪيو ويو باقي جوابدار ڇھ مھينا گذرڻ باوجود گرفتار ناھن ٿي سگھيا. ھنن ٻڌايو ته جوابدار پي ڊي ايس پي محمود سمائر جا مائٽ آھن، جنھن ڪري سلطانپور پوليس کين گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي. هنن دعوايٰ ڪئي ته الٽو سلطانپور پوليس اسان کي تنگ ڪري رھي آھي. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار ڌر جا ماڻھو اسان کي سلطانپور به نٿا اچڻ ڏين ۽ جوابدار ڌر جا ماڻھو اسان کي ڌمڪائي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ زور ڀري رھيا آھن. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ايس ايس پي سکر وٽ  بار بار وڃي ڪري دانھيو آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي پر اتان به اسان کي انصاف نٿو ملي. احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس  سنڌ ھاء ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته مقتول محمد نواز ڪٽو جي قتل ۾ نامزد جوابدارن اطھر سمائر ۽ ٻين کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن ايس ايڇ او سلطانپور عبد الحڪيم لانگاھ موقف معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھڪ جوابدار ياسين سمائر گرفتار آھي ٻين  جوابدار جي گرفتاري جون ڪوششون جاري آهن، جلد قاتل  گرفتار ڪري مقتول جي وارثن کي تحفظ فراھم ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو