رتوديرو ايدز جا 53 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

رتوديرو (ن س) رتوديرو ۾ 53 ايدز وائرس جا نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. جنهن بعد رتوديرو ۾ ايڊز وائرس جي مبتلا مريضن جو انگ 448 ٿي ويو آهي. رتوديرو ۾ ايڊز وائرس جي اسڪريننگ لاءِ اڄ 15هين ڏينهن به ڪئمپ لڳائي وئي، جتي رتوديرو شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ 1585 ماڻهن جي اسڪريننگ ٽيسٽ ڪئي وئي. ٽيسٽ ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڌيڪ 53 ماڻهن کي ايڊز وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. متاثرن ۾ 45 ٻارڙا ۽ 8 عورتو شامل آهن. هوڏانهن هيلٿ ڪيئر ڪميشن موجب لاڙڪاڻي ۾ 90 ڪلينڪ ۽ 12 بلڊ بئنڪ سيل ڪيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو