پي آءِ اي جو هيڊڪوراٽرڪراچي کان اسلام آباد منتقلي خلاف ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي ايئرلائن، ”پي آءِ اي“ جوهيڊڪوارٽرڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ خلاف سينيٽ مان اڪثريت راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. حڪومتي ڌر جي ميمبرز ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي. چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اجلاس دوران پ پ سينيٽر شيري رحمان سوڌو 4 ميمبرز جي صحيح سان ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. ٺهراءُ جي متن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پي آءِ اي جو هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ ئي رهڻ ڏنو وڃي. اجلاس دوران شهري هوابازي جي وزير غلام سرور خان چيو ته پي آءِ اي جو هيڊڪوارٽر ڪراچي کان اسلام آباد منتقل نه پيو ڪيو وڃي، ڪجهه شعبا اسلام آباد سان سلهاڙيل هئا، اُنهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي جي اعليٰ عملدارن کي پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻو هوندو آهي، تنهن ڪري ڪجهه شعبن کي هتي منتقل ڪيو آهي. هُن دعويٰ ڪئي ته پي آءِ اي جي 70 سيڪڙو ٽرئفڪ اسلام آباد ۽ لاهور، جڏهن ته 30 سيڪڙو ٽرئفڪ ڪراچي مان آهي. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته جيڪڏهن پي آءِ اي جو هيڊڪوارٽر اسلام آباد منتقل نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ حڪومتي ميمبرز ٺهراءُ جي مخالفت ڇو ڪئي؟ لڳي ٿو دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، هيڊڪوارٽر جي منتقلي جي حوالي سان پي آءِ اي يونينز سان به صلاح مشورا نه ڪيا ويا. اجلاس ۾ خطاب ڪندي سينيٽر رضا رباني چيو ته پي آءِ جي حوالي سان فيصلي ۾ ون يونٽ جي ڌپ اچي رهي آهي. پي آءِ اي جو هيومن ريسورسز شعبو اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. نواز ليگ جي سينيٽر مشاهد الله چيو ته جيڪڏهن قومي ايئرلائين جو هيڊڪواٽر اسلام آباد منتقل ڪيو ويو ته نئو پنڊوڙا باڪس کُلي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو