عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي 5 ڪلينڪ سيل

ڄام نوازعلي (ن س) ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر فاروق احمد ۽ ڊاڪٽر صادق بلوچ جي اڳواڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف ڪاروائي دوران نئون آباد پهچي  ميڊيڪل اسٽورن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي ڇاپا هنيا. ڇاپن جو ٻڌي ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر اسپتالون بند ڪري فرار ٿي ويا جڏنهن ته ڊاڪٽر چندن ڀيل، ٽيڪم ميگهواڙ ۽ ھيمراج ڀيل سميت  5ڪلينڪ کي سيل ڪيو ويو. ٻين عطائي ڊاڪٽرن کي هڪ هفتي ۾ اسپتالون بند ڪرڻ جي وارننگ ڏيندي کين چيو ته جن به اسپتالون بند نه ڪيا ته انهن کي گرفتار ڪرائي مٿن ڪيس داخل ڪرايا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو