زمين تي قبضي ۽ پوليس اهلڪار جي زيادتي خلاف ڌار ڌار احتجاج

خانپورمھر(ن س) زمين تي قبضي ۽ وڪرو ڪيل مينهن جا پئسا گهرڻ تان پوليس اهلڪار پاران تشدد ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ٻن ڌرين ڌار ڌاراحتجاج ڪيو. لنڊ بازار جي رھواسي واپاري اصغر علي لنڊ  ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو تہ مان ھڪ واپاري آھيان  مون ھڪ مينھن پوليس اھلڪار شبير لنڊ کي ڏني هئي. جنھن مان 80 ھزار روپيا بقايا رقم رھيل ھئي، جيڪا گھرڻ تي جوابدار پوليس اھلڪار شبير احمد لنڊ پنھنجي پٽن سھيل لنڊ ء جميل سان گڏجي مونکي لٺيون هنيون آهن. اھڙي فرياد مون خانپورمھر ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪو قدم ناهي کنيو. ٻئي پاسي ڳوٺ ميرخان وسير جي رهواسي نوجوان نذير احمد وسير خانپورمهر پريس ڪلب پهچي پنهنجي چاچي شبير احمد وسير، سوٽن الهرکيو ۽ رشيد احمد وسير ۽ ٻين خلاف احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي ديهه ڍانگرو سروي نمبر 107 ۾ هڪ ايڪڙ قبولي زمين آهي جنهن تي چاچي سوٽن ۽ چاچي جي سالي قبضو ڪري ورتو آهي. احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گھوٽڪي، ڊي آء جي سکر۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ جوابدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين سان انصاف ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو