هثياربند استاد کي ڪٽڪو ڏئي ڪار ڦري فرار، پوليس ڪجهه نه ڪيو

نوشهروفيروز(ڊ ر) هٿياربند اغوا ڪيل استاد منٺارٽڳڙ کي سخت تشدد ڪرڻ بعد ڀريا سٽي ڀرسان ڇڏي سندس ڪار ڦري فرار ٿي ويا. ابڙان هاء اسڪول جو استاد منٺار ٽڳڙ نوشهري ۾ قائم پنهنجو شوروم بند ڪري ڪار ۾ پنهنجي ڳوٺ ابڙان وڃي رهيو هو ته باء پاس وٽان اغوا ٿي ويو۔ اطلاع تي ڊي ايس پي نوشهروفيروز محمد ايوب درس واقعي واري هنڌ پهتو. ان موقعي تي ڊي ايس پي ٻڌايو ته استاد آخري فون ڪال تي خيرپور ضلع جي هڪ علائقي ۾ ڳالهائي رهيو هو، جنهن ٻڌايو ته منٺار ڳالهائيندي ڦر جون دانهون ڪيون ۽ بعد ۾ نمبر بند ٿي ويو جيڪو اڃا تائين بند آهي. پوليس اڃا تائين ڪو ڪيس داخل ناهي ڪيو. نوشهري ضلعي ۾ چوري ۽ ڦر جون وارداتون وڌي ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو