اي سي ملير جا وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڇاپا، ڏنڊ جي سزا

ملير( رپورٽ درياخان شر) رمضان آرڊينينس جي خلاف ورزي ڪندڙن ۽ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف موڪل ڏينهن اسسٽنٽ ڪمشنر ملير محمد سليم ميمڻ، روينيو عملي ۽ پوليس سان گڏجي ملير جي مختلف علائقن  تي اوچتا ڇاپا هڻي ڏنڍ وڌا. جڏهن ته مٿين آفيسرن ملير جي مختلف علائقن ۾ ڪريانه اسٽورن، فروٽ، سبزي، برف ۽ ريزڪي دوڪانن تي وڃي شين جا اگھ معلوم ڪيا ۽ وڌيڪ اگھ وٺندڙ ڇهن ڄڻن سکيو خان، اڪبر راجپوت، محمد علي چانديو، نذير راجپوت ۽ ٻين تي 13 هزار ڏنڊ وجهي بروقت وصول ڪيو۔ اسسٽنٽ ڪمشنر  ملير ۽ پوليس جي نفري جي اوچتن ڇاپن هڻڻ جي ڪري ملير ۾ منافع خورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. آردينينس تحت شام جو 3 بجي کانپوءِ کاڌي پيتي جا دڪان کولڻ جو ٽائيم مقرر ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو