ايگرڪلچر جي 7 آفيسرن کي گريڊ 19 ۾ ترقي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) صوبائي آفيسرن جي ترقين بابت جوڙيل بورڊ ٽو جي سفارش تي سنڌ جي وڏي وزير ايگريڪلچر سپلاءِ اينڊ پرائسز کاتي جي 7 آفيسرن کي گريڊ 18 مان 19 هين ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن بعد ٻه ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. هڪ نوٽيفڪيش ۾ ايڪسٽينشن ونگ جي ٽن آفيسرن علي اڪبر پنهور، جاويد احمد سومرو ۽ عبدالوهاب ميمڻ جي ترقين بابت آهي. جڏهن ته ٻيو نوٽيفڪيشن آن فارم واٽر مئنيجمينٽ جي چئن آفيسرن رحيم بخش سومرو، احمد خان ميمڻ، سعيد احمد نوناري ۽ محمد عاشق جي گريڊ 18 هين مان 19هين ۾ ترقي بابت آهي. مٿيان آفيسر هاڻي ڊائريڪٽر يا ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدن تي تعيناتي جا اهل هوندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو