اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل بيان موجب شڪارپور ۽ ميرپورخاص جي ميونسپل ڪميٽيز جي چيئرمينز، جهڏو ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ننڍي چونڊ 13 جون تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول پڌرو ڪري ڇڏيوآهي، جنهن موجب رٽرننگ آفيسر 14 مئي تي پبلڪ نوٽيس جاري ڪندا، 16 مئي ته اميدوار نامزدگي فارم حاصل ۽ جمع ڪرائي سگهندا. 20 ۽ 21 مئي تي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي. شيڊول موجب نامزدگي فارم منظور يا رد ڪرڻ خلاف 23 مئي تائين اپيل ڪري سگهبي، اپيلن تي فيصلي لاءِ 27 مئي آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي. اميدوار 28 مئي تي هٿ کڻي سگهندا، 29 مئي تي چونڊ نشان سان گڏ اميدوارن جون فهرستون جاري ٿينديون ۽ 13 جون تي پولنگ ٿيندي، 14 جون تي رٽرننگ آفيسر نتيجا پڌرا ڪندا. واضح رهي ته بي اعتمادي جي رٿ سبب شڪارپور ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين بابرعرف سني سنجراڻي ۽ ميرپورخاص جي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل فاروق جميل دراني کي هٽايو ويو هو، ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل جهڏي جي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شڪيل قائمخاني ۽ وائيس چيئرمين عمر دراز کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽايو ويو هو. گاجي کهاوڙ جي ٽائون چيئرمين فيض علي کهاوڙ کي به ساڳي طريقي سان هٽايو ويو هو، جنهن جو واسطو پي پي سان آهي، جنهن بعد ڄاڻايل سمورين سيٽن تي ننڍي چونڊ 13 جون تي منعقد ٿيندي. جڏهن ته گاجي کهاوڙ جي ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين واري سيٽ به ٻن سالن کان خالي رهڻ باوجود اليڪشن ڪميشن طرفان ان سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول پڌرو ناهي ڪيو ويو، هتان پي پي سان لاڳاپيل وائيس چيئرمين مختيار سولنگي 2 سالن اڳ دل جو دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا ۾ فاٽا جي سيٽن بابت به شيڊول جاري ڪيو آهي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو